اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن ??ي پائمالين جي خلاف پاڪستانين جو آواز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??ائ??ن پهچائڻ تي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيز جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حوالي سان گڏيل قومن ??ي پاڪستان بابت ڪوآرڊينيٽر کي پيش ڪيل ياداشت کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??ائ??ن پهچايو ويو آهي.