اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته س??ورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پن??نج?? ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيه?? وزير شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پن??نج?? ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پن??نج?? را??ِ ڏئي سگهن.