اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي ج??نو?? جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ ج??نو??ن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ ج??نو??ن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفري??ي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان ??اس?? ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابط?? آڻي سگه??ي ٿو. اسد عمر چيو ته ج??نو??ن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.