اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي ترقي، سڌا??ن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس م??عقد ٿيو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته محرم الحرام دوران عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت کانپوءِ هيلٿ گائيڊ لائينز ۽ پروٽوڪولز تي مشتمل تفصيلي پلان آف ايڪشن لاڳو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير اسد عمر سمورن اسٽڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته وبا جي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدمن تي عملدرآمد سان گڏوگڏ اه?? ڳالهه به اهم آهي ته انهن قدمن جي خلاف ورزين تي ڏنڊ ۽ سزا کي به يقيني بڻايو وڃي.