اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ڳالهيون ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي رهي ??هي?? پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو ??هي?? ڦريل دولت بچائ?? جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائ?? جي هڪ نقاطي ايجنڊا ??هي?? عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ ??هي?? پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو ??هي?? تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃ?? جي لاءِ پرعزم ??هي?? وزيراعظم عمران خان پوري قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.