مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس ج?? سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس ج?? صدر م??زا شفيق احمد جرال، جماعت اسلامي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جماعت اسلامي جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير م??املن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيرا??ظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر شاه?? غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.