اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيا، جم??وريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳا??هه پاڪستان ۾ برطانيا ۽ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جم??وريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳا??هائيندي ڪئي جن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي ??يش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳا??هائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي ??ڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي ??ضبوط ??ڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳا??هه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳا??هه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو ف??بي?? جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. جم??وريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳا??هائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط ??ڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪستان ۾ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳا??هائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.