لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي ??يماري جو نالو اقتدار کان دوري آهي جيڪا لاعلاج آهي، هن وقت (ن) جي قيادت ۾ ڏڪار ۽ زبان بندي جي موسم آيل آهي، مريم نواز خبر نه آهي ڪهڙي مصلحت جو شڪار آهي ۽ سندس آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو آهي. مينار پاڪستان جي ??حريڪ انصاف وچ پنجاب جي ??نظيمي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ وچ پنجاب جي ڪارڪنن جو تنظيمي ڪنوينشن پاڪستان جي مضبوطي، ??ستحڪام ۽ ڳڙيل سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي ??زم جو واضح اظهار آهي.