اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڪورونا جي آزمائش جي هن گهڙ??ءَ ۾ برطانوي حڪومت ۽ عو??م سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، ڪورونا پوري دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ??لڪ ۾ ڪورونا جي خلاف ٺوس ڪوششن جو مرڪز آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات دوران ڪيو.