اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پن??نجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسا?? جون زمينون ريگستان بڻجي و??نديو??، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پن??نجي ايندڙ نسلن، پن??نجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پن??نجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چيو ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پن??نجي لاءِ نه پر پن??نجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن قومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن چيو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ا?? جو مثال آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آهي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.