اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام سان پي ٽي آءِ حڪومت ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل واعدو وفا ڪيو آهي، ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ انه?? جي مسئل?? جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي لاءِ ڌار سالياني ترقياتي پروگرام سان علائقي ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو، اختيار?? جي منتقلي کي مرحليوار اڳتي وڌايو وڃي، عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ ورڪنگ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.