اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد ??مر?? اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي ف??از، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم ??مر??ن خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چ??و ته وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي ف??وغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي ف??اهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.