ڄام نواز ع??ي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت عارف علوي چيو آهي ته تازين برساتن ??بب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن واهر ڪري رهي آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وفاقي، صوبائي حڪوم??، عدليا ۽ فوج سڀ هڪ ئي پيج تي آهن. تعميراتي پيڪيج سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙو اظهار هن ڄام نواز ع??ي ۾ برسات متاثر علائقن جو هوائي دورو ڪرڻ بعد نوابزاده ڄام ذوالفقار علي خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڄام فاروق علي خان جي رهائشگاهه تي متاثرين سان ملاقات ۽ متاثرين ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته برساتن ??بب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ متاثرين کي هر ممڪن واهر ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اسان جي اولين ترجيح متاثرين جي ٻيهر بحالي ۽ انهن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي گئس ملڻ باوجود سهو??تو?? گهٽ آهن، اسان جي هتي اچڻ جو مقصد عوام جا سور ختم ڪرڻ آهي. احتساب جاري رهندو. اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته ماڻهن کي سهولتن ??ان گڏ روزگار ميسر ٿئي.