اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته خصوصي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن سان ??حبت ۽ شفقت سان ??يش اچڻ اسان سڀني تي لازمي آهي، اسان جي ٿورڙي ڌيان سان انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀري سگهن ٿا. پارليامينٽ کي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي انهي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي ??وڙ?? آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.