اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا ??هن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي 908 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سب?? فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل ??هن. هن وقت ??ائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيند??ن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا وائرس سب?? متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.