اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيا??ي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيا??ي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي پنجاب جي چ??ف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيا??ي ۽ قيمتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقي??ي بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فلور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.