اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر رياست ٺاهڻ اسان جي اصل منزل آ??ي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ ر??اوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آ??ي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آ??ي، اصل ۾ اسان جي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آ??ي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ ر??اوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.